ڪينسر ۾ مبتلا نبي سر روڊ واسي پورهيت کي جناح اسپتال انتظاميه داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڄنگهه جي ڪينسر ۾ مبتلا نبي سرروڊ واسي پورهيت ڪراچي جي جناح اسپتال ٻاهران 5 ڏينهن کان ويٺل آهي، اسپتال انتظاميه پورهيت کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڪينسر ۾ مبتلا پورهيت جو چوڻ آهي ته اسپتال انتظاميه کيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ وٽس پئسا نه هئڻ سبب هو ٻئي هنڌ به علاج نٿو ڪرائي سگهي.

5 ڏينهن کان اسپتال ٻاهران ويٺل پورهيت  پرتاب راءِ جي اسپتال انتظاميه توڙي ٻين وس وارن ڪابه  پرگهور نه لڌي آهي، جنهن سبب هو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي بيٺل آهي.

پورهيت جو چوڻ آهي ته 10 مهينا اڳ هڪ عمارت جي ڪم دوران گارڊر ڪرڻ سبب زخمي رسيو، جيڪو ڪينسر ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

هن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*