پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري ، اڍائي سئو کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

punjab-police-opration

پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، لاهور، راولپنڊي، راجنپور ۽ ٽوبه ٽيڪسنگهه ۾پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروايون ڪري  اڍائي سئو کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

لاهور جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڳجهن ادارن جي اهلڪارن سان گڏ آپريشن ڪيو، جتان 39 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ پڻ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، جتان 150 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

راجن پور ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 6 جوابدارن ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ سرچ آپريشن دوران 44 شڪي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو.

سرگوڌا جي ڪالره، جهال چڪِيان ۽ بــُونگا مِنهاس وارن علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 15 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

بهاولپور ۽ ڀڪر ۾ پڻ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروايون ڪري 22 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب ڪاررواين دوران گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*