ڪراچي جي موچڪو واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا

karachi-mochko-opration

ڪراچي جي موچڪو واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سرجاني ٽائون ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ٻارڙيءَ کي بازياب ڪرائي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سرجاني ٽائون پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگري کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي موچڪو واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن جا لاش اسپتال منتقل  ڪيا ويا آهن.

نيپئر واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

گارڊن واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*