ڪوٽ لکپت ۽ بهاولپور جيلن ۾ قيد دهشتگردن جي سزا تي عمل ڪيو ويندو شجاع خانزاده

پنجاب ۾ موت جي سزا ٻڌايل 8 دهشتگردن کي اڄ ڦاهي تي ٽنگيو ويندو، پنجاب جي گهرو وزير شجاع خانزاده چيو آهي ته ڪوٽ لکپت، اڊيا ۽ بهاولپور جيلن ۾ قيد دهشتگردن جي سزا تي عمل ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، پنجاب جي جيلن ۾ ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل 24 دهشتگرد قيد هئا، جن مان ٻن کي ڦاهي ڏني وئي آهي، جڏهن ته 14 قيدين پاران سزائن خلاف اپيلون ڏنيون ويون آهن.

پنجاب جي گهرو وزير شجاع خانزاده جو چوڻ آهي ته ڪوٽ لکپت، اڊيالا ۽ بهاولپور جيل ۾ قيد 8 دهشتگردن کي اڄ ڦاهي تي ٽنگيو ويندو.

ذريعن موجب، جن قيدين کي ڦاهي ڏني ويندي، انهن تي گجرات آرمي ڪيمپ ۽ ملتان جي حساس اداري جي آفيس تي حملن جو الزام آهي.

ڦاهي جي قيدي جو وقت تبديل ٿيڻ کانپوءِ 8 دهشتگردن کي اڄ ڪنهن به وقت ڦاهي تي چاڙهيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*