لاهور ۾ رينجرز ٽريننگ گريزن مان وڌيڪ 86 ڪمانڊوز پاس آئوٽ ڪري ويا

passing-out

لاهور ۾ رينجرز ٽريننگ گريزن مان وڌيڪ 86 ڪمانڊوز پاس آئوٽ ڪري ويا، ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل صادق علي چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۽ لاهور سانحو دهشتگردن جي ناڪام سازش هئي، انتهاپسندن جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن، آپريشن ضرب عضب آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي.

رينجرز بيٽل اسڪول ۾ 86 ڪمانڊوز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ واري تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل صادق علي ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب شرڪت ڪئي.

تقريب دوران پاس آئوٽ ڪندڙ ڪمانڊوز کي دهشتگردي خلاف مشق پڻ ڪرائي وئي.

تقريب کي خطاب ڪندي ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽننٽ جنرل صادق علي چيو ته دهشتگرد قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رينجرز جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هاڻي آپريشن ضرب عضب آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

ڪور ڪمانڊر لاهور چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول ۽ گلشن پارڪ سانحا ناپاڪ سازش هئي، دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جا بنياد کوکلا ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*