نيب سنڌ ۾ ڪارروائيون ڪري ته ٺيڪ آهي، پر پنجاب ۾ وک وڌائڻ تي دانهون ڪيون پيون وڃن:اعتزاز احسن

aitzazahsanonline

پيپلز پارٽي جَي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پنجاب ۾ شريف ڀائرن جو احتساب نه ٿيندو، نيب سنڌ ۾ ڪارروائيون ڪري ته ٺيڪ آهي، پر پنجاب ۾ وک وڌائڻ تي دانهون ڪيون پيون وڃن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته لاهور سانحو حڪومت جي ناڪامي آهي، اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب زخمي تڙپندا رهيا ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيو.

هن چيو ته پيپلز پارٽي لاهور سانحي جو سينيٽ ۾ ڀرپور آواز اٿاريندي، حڪومت دهشتگردن خلاف اثرائتيتون ڪارروائيون ڪرڻ بدران رڳو بيانبازي تائين محدود ٿي وئي آهي.

اعتزاز احسن چيو ته پنجاب ۾ رينجرز سان گڏ قومي احتساب بيورو جي سخت گهرج آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جو احتساب ٿيندي نظر ڪونه پيو اچي.

پ پ سينيٽر چيو ته پنجاب ۾ دهشتگردي سبب ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن ۽ پنجاب حڪومت اربين رپيا ميٽرو بس منصوبي تي خرچ ڪري ڇڏيا، کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته امن کانسواءِ ترقياتي منصوبن جو ڪهڙو فائدو ٿيندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته نيب جي سنڌ ۾ ڪارروائين کي درست قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته شريف ڀائر قومي احتساب بيورو جي پنجاب ۾ هڪ وک به برداشت نه ٿا ڪري سگهن، پيپلز پارٽي ڪرپشن خلاف آهي، سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*