هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائيندڙ انسان نه پر حيوان آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ ڪوبه نوگو ايريا نه آهي:راڻا ثناءُ الله

rana-sanaullah

پنجاب جَي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائيندڙ انسان نه پر حيوان آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ ڪوبه نوگو ايريا نه آهي، دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لاهور سانحي کانپوءِ صوبي ۾ آپريشن ۾ تيزي آندي وئي آهي، جنهن ۾ سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ذميواريون نڀائي رهيا آهن.

هن چيو ته آپريشن جي منصوبابندي روزاني جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي، امن دشمنن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي، کين ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪارروائيون جاري آهن، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو.

قانون واري وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ نوگو ايرياز بابت افواهون غلط آهن، جڏهن ته صوبي جي مخصوص علائقن ۾ ڪامياب ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*