خانپور مهر ويجهو پوليس ڳوٺن تي چڙهائي ڪري ڏهن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

police-operation

خانپور مهر ويجهو پوليس ڳوٺن تي چڙهائي ڪري ڏهن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس جي تشدد ۾ 3 عورتون به زخمي ٿي پيون آهن.

سکر پوليس ڊي ايس پي روهڙي مسعود مهر جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ محمد پتافي، لال پتافي ۽ نبي بخش پتافي تي چڙهائي ڪري 10  ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن خانپور مهر ۽ گلو پتافي روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، ان دوران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ڪئي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سکر پوليس بنا جواز سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتون ۽ ٻارڙن کي وحشياڻي تشدد جو بڻايو آهي.

هنن چيوته پوليس بنا جواز 10 هن ڄڻن کي گرفتار ڪري وئي آهي، جيڪي ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهن.

هنن مطالبو ڪيو ته بي گناهه گرفتار ڪيل ڳوٺاڻن کي فوري طور آزاد ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*