شاهپور چاڪر ويجهو ڳوٺ جي بااثر زميندار پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿي تشدد ڪري هڪ استاد کي زخمي ڪري ڇڏيو

Shahpur-Chakar

شاهپور چاڪر ويجهو ڳوٺ جي بااثر زميندار پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿي تشدد ڪري هڪ استاد کي زخمي ڪري ڇڏيو، استادن جي فرياد تي بااثر خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

ڳوٺ مير محمد ٽالپر ۾ بااثر شخص خدا بخش ٽالپر پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿي استاد غلام شبير باگراڻي، ارشاد پٺاڻ ۽ اسلم خاصخيلي کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن دوران هڪ  استاد زخمي ٿي پيو.

واقعي بعد استادن جي فريادن تي زميندار خدا بخش ٽالپر خلاف اين سي داخل ڪئي وئي، پر پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

استادن جو چوڻ آهي ته بااثر ٻار درست نموني نه پڙهائڻ جو الزام هڻي مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو آهي، زميندار خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*