ڪراچي جي احتساب عدالت ڪينٽين جي ٺيڪي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيس ۾ اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

law

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪينٽين جي ٺيڪي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيس ۾ اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته  عدالت شاهدن کي 6 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.

احتساب عدالت ۾ اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب خلاف 2009 کان 2011 تائين مقرري دوران ملز جي ڪينٽين ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو آهي.

فرد جرم لاڳو ڪرڻ دوران معين آفتاب ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ عدالت شاهدن کي 6 اپريل تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*