ميرپورخاص ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي قافلي تي پٿراءَ بعد شهر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار

mirpurkhas

ميرپورخاص ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي قافلي تي پٿراءَ بعد شهر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جنهن سبب انيس قائمخاني جي گهر جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.

گذريل رات پاڪ سرزمين پارٽي جي  سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي ميرپور خاص پهچڻ تي ايم ڪيو ايم ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ قافلي مٿان آنن ۽ پٿرن  سان حملو ڪري گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا هئا.

پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻن مٿان حملي کانپوءِ شهر اندر ڇڪتاڻ واري صورتحال اڄ به برقرار آهي، جنهن سبب انيس قائمخاني جي گهر ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني سان ڪارڪنن ملاقات ڪري پارٽي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪي اڄ پٿر وسائي رهيا آهن، سڀاڻي اهي ئي گل کڻي آجيان ڪندا، حملي مان ثابت ٿي ويو ته، هــُو ڪامياب ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*