دولتپور ويجهو لنڊڪي شاخ کي 50 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو

dolat

دولتپور ويجهو لنڊڪي شاخ کي 50 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، اطلاع باوجود آبپاسي عملو گهارو بند ڪرڻ لاءِ ناهي پهتي.

لنڊڪي شاخ جي ڳوٺ دائم چانڊيو وٽان 50 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ پاڻي ڳوٺ دائم چانڊيو ۾ داخل ٿي ويو آهي.

گهارو پوڻ ڪري ڪڻڪ جو سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، پر اطلاع باوجود آبپاشي عملو گهارو بند ڪرڻ لاءِ ناهي پهتو.

ڳوٺاڻن چيو ته گهارو پوڻ ڪري سندن ڪڻڪ جو تيار فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جنهن ڪري کين تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.

هنن چيو ته اطلاع باوجود آبپاشي جا عملدار گهارو بند ڪرڻ لاءِ نه پهتا آهن، جنهن ڪري هو پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*