سنڌ حڪومت کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيون ٿا اها خالد محمود سومري جا قاتل گرفتار ڪري مولانا غفور حيدري

جي يو آءِ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل جي سازش کي بي نقاب ڪري قاتلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي هڪ هفتي جو الٽيمٽم ڏئي ڇڏيو آهي، مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا ته 27 ڊسمبر تي سڄي سنڌ اندر ڦيٿاروڪ هڙتال ڪري ڳڙهي خدابخش ويندڙ رستا بند ڪيا ويندا.

جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جا قاتل گرفتار ڪري، قتل واري سازش کي هڪ هفتي اندر وائکو ڪيو وڃي.

هن چيو ته، جيڪڏهن هڳڪ هفتي اندر قاتل گرفتار نه ٿيا ته 27 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري ڳڙهي خدابخش ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويندا.

جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا غفور حيدري سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو سنڌ حڪومت کي هڪ هفتي جي ملهت ڏين ٿا ته اها ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي  جي سازش کي بي نقاب ڪري قاتلن کي وائکو ڪيو وڃي.

هن چيو ته سنڌ سرڪار ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قاتلن کي وائکو ڪري معاملي جي جاچ ۾ سندس وارثن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي.

واضح رهي ته ان کان اڳ جي يو آءِ 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي رڳو ڳڙهي خدا بخش ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو هو، پر هاڻي سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال جو چتاءُ ڏنو ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*