ميهـڙ ۾ ڪڪول واهه جي ڪپرن تي قبضن ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن بک هڙتال

Mehar-protest-6-8

ميهـڙ ۾ ڪڪول واهه جي ڪپرن تي قبضن ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته آبپاشي عملدارن پاران مبينا طور ڊاٿل شاپنگ پلازه جو سامان کڻائي وڃڻ خلاف دڪاندارن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

آبادگار جدوجهد ڪميٽي طرفان سڪندر سوڍر، محمد کوسي ۽ منير سوڍر جي اڳواڻيءَ ۾ 344هين ڏينهن به ايوان صحافت آڏو بک هڙتال ڪئي وئي، جتي مختلف پارٽين جي اڳواڻن پهچي آبادگارن سان ايڪي جو اظهار ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪڪول واهه جي کاٽي ڪرائي شاخن حاجي واهه، کوندي واهه، اي آر 27 ۽ قائم شاخ تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪري پمپنگ اسٽيشن جو ڪم شروع ڪرايو وڃي.

ٻئي طرف مرزا شاهه محلي ۽ رامپور محلي قبضا ڊاهي مبينا طور سامان کڻائي وڃڻ خلاف دڪاندارن پنهل خان چانڊيو ۽ زاهد علي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي   مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

دڪاندارن الزام هنيو ته آبپاشي، ميونسپل ۽ روينيو انتظاميه ڊاٿل  شاپنگ سينٽرن مان 50 لک جو سريو، سرون، در، گارڊر، ٽيئر ۽ ٻيو سامان زبردستي کڻي وئي آهي، هاڻي کين ڌمڪايو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*