واهي پانڌي ۽ ڀر وارن علائقن ۾ جعلي نوٽن جي ڪاروبار سبب ڪيترائي غريب ۽ پورهيت ماڻهو ڦرجي ويا
ڪاڇي جي واهي پانڌي ۽ ڀر وارن علائقن ۾ جعلي نوٽن جي ڪاروبار سبب ڪيترائي غريب ۽ پورهيت ماڻهو ڦرجي ويا آهن.
ٻڪريون چاري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پاليندڙ واهي پانڌي واسي ميان بخش لغاري ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته هن پندرهن هزار رپين ۾ رڍون وڪرو ڪيون پر واپاري کيس 5 هزار رپين جو جعلي نوٽ ڏئي ويو.
هن ٻڌايو ته واهي پانڌي ۾ جعلي نوٽن جو ڪاروبار ڪندڙ هڪ گروهه موجود آهي جيڪو پوليس جي سرپرستي ۾ اٻوجهه ماڻهن کي ٺڳي رهيو آهي.
هن وس وارن ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته جعلي نوٽن جو ڪاروبار ڪندڙ گروهه کي گرفتار ڪري ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.