حڪومت، اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ مذهبي جماعت جي ڌرڻي جو نوٽيس وٺندي پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

Suni-Tareekh-Dharna-ISB-30-3-16

حڪومت، اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ مذهبي جماعت جي ڌرڻي جو نوٽيس وٺندي پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

راولپنڊي کان اسلام آباد پهتل مذهبي جماعت کي ريڊ زون ۾ ڌرڻي کان نه روڪڻ واري معاملي جو حڪومت نوٽيس ورتو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته حڪومت فرضن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري پنجاب عارف عظيم کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي.

ترجمان چيو ته زاهد سعيد کي پنجاب جو نئون چيف سيڪريٽري مقرر ڪري اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ ڪنهن کي به احتجاج کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته مذهبي جماعت جو اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ ڌرڻي سبب موبائيل فون سروس، ميٽرو بس بند  ٿيڻ جي ڪري عام زندگي سخت متاثر  ٿي هئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*