وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ايراني سفير هنر مهدي دوست جي ملاقات،انڪشافن بابت ايراني حڪومت جو موقف پيش ڪري ڇڏيو

chudhry-nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ايراني سفير هنر مهدي دوست ملاقات ڀارتي ايجنسي را” جي ايجنٽ جي انڪشافن واري معاملي تي ايراني حڪومت جو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان ايراني سفير مهدي دوست هنر ملاقات ڪئي، جنهن ڀارتي ايجنسي را” جي ايجنٽ ڪلڀوشن جي انڪشافن کانپوءِ واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ايراني سفير را” ايجنٽ بابت ايراني حڪومت جي موقف کان گهرو وزير کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، ايراني سفير هنر مهدي دوست چيو ته ايران پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا چاهي ٿو، ايراني سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ايران کي خط لکي ڀارتي ڳجهي اداري را” جي ايجنٽ ڪلڀوشن جي انڪشافن تي مدد گهري ورتي هئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*