شاهد آفريدي کي ڪپتاني جي ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ عمر اڪمل جي ٽيم ۾ سلڪيشن غلطي هئي: انتخاب عالم

antkhab-alam-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجوده ٽيم جي مئنيجر انتخاب عالم چيو آهي ته شاهد آفريدي کي ڪپتاني جي ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ عمر اڪمل جي ٽيم ۾ سلڪيشن غلطي هئي.

قومي ٽيم جي مئنيجر انتخاب عالم جي ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي تي جوڙيل رپورٽ پڌري ٿي وئي آهي.

رپورٽ ۾ انتخاب عالم جو چوڻ آهي ته شاهد آفريدي کي ڪپتاني جي ڄاڻ نه آهي۽ هوڪنهن به لحاظ کان پرفيڪٽ ڪرڪيٽر نه آهي.

سندس چوڻ هوته ٽِيم ۾ عمر اڪمل جي سليڪشن غلط فيصلو هو، ڇاڪاڻ جو کيس نه ڪرڪيٽ جي ۽ نه ئي وري زميوارين جي خبر آهي.

انتخاب عالم جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪوچنگ اسٽاف پنهنجو ڪم پوري ايمانداري سان نڀايو پر ٽيم جي رانديگرن  ساڻن ڪوبه سهڪار نه ڪيو.

قومي ٽيم جي مئنيجر رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته شعيب ملڪ کي ميچز دوران اهڙي وقت بيٽنگ تي موڪليو ويندو هو،جڏهن  شڪست ويجهو هوندي هئي.

انتخاب عالم جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ محمد عامر کانسواءِ ڪوبه ميچ ونر بالر نه آهي ۽ ٽيم جي بيٽنگ اعتماد جوڳي نه آهي.

قومي ٽيم جي مئنيجر جو چوڻ آهي ته شاهد آفريدي کي ڀارتي سان محبت واري ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*