متحده سربراهه هڪ مسخرَي کانسواءِ ڪجهه به ناهي،سنڌي ڀائر الطاف حسين جي بيانن تي مهاجرن لاءِ خاص ذهن نه ٺاهين:مصطفيٰ ڪمال

mustfa-kamal-

پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال سنڌي قوم کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سنڌي ڀائر الطاف حسين جي بيانن تي مهاجرن لاءِ خاص ذهن نه ٺاهين ۽ نه ئي سندس بيانن کي سنجيدگي سان وٺن، ڇوته متحده سربراهه  هڪ مسخرَي کانسواءِ ڪجهه به ناهي.

ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌي ماڻهو الطاف حسين جي بيانن کي سنجيدگي سان نه وٺن ۽ نه ئي متحده سربراهه جي بيانن تي مهاجرن لاءِ ڪو خاص ذهن ٺاهن.

هن چيو ته الطاف حسين کي هڪ مسخري کان وڌيڪ اهميت نه ڏيڻ گهرجي، سنڌي ماڻهو گذريل ڏهه سالن دوران پيدا ڪيل سموريون وڇوٽيون وساري اسان جو ساٿ ڏين.

هن چيو ته سندن پارٽي ٺهڻ کي 8 ڏينهن ٿيا آهن پر خبر ناهي ته اڳ ٺهيل پارٽي کي ايترو خوف ڇو آهي؟

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ميرپورخاص جي دوري بعد سيڪٽر انچارجز جي ننڊ حرام ڪئي وئي آهي، بزدل ماڻهو ميرپورخاص جي ماڻهن کي جذباتي ڪرڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته اسين ليڊري ڪرڻ نه پر جهاد ڪرڻ  آيا آهيون، اسان پهرين ڏينهن صولت مرزا ۽ اجمل پهاڙِي جي ڳالهه ڪئي آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته الطاف حسين سڀني کي ڪيڙا ماڪوڙا سمجهي ٿو، هــُو اردو ڳالهائيندڙن کان پڇي ته اهي ڪنهن جي پٺيان هلن پيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*