سنڌ ۾ نائين، ڏهين درجي جا ساليانه امتحان ڪاپي جي ڌم سان جاري آهن، اڪثر شهرن ۾ امتحاني سينٽرز ٻاهران ڪاپي ڪرائيندڙ جي رش لڳل

copy

سنڌ ۾ نائين، ڏهين درجي جا ساليانه امتحان ڪاپي جي ڌم سان جاري آهن، اڪثر شهرن ۾ امتحاني سينٽرز ٻاهران ڪاپي ڪرائيندڙ رش لڳل هئي، لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي ۾ حل ٿيل پرچا شاگردن تائين پهچايا ويا، جڏهن ته سجاول ۾ ڪاپي ڪرڻ تان اسڪول مان ٻاهر ڪڍڻ تي شاگردن پنهنجي ساٿين سان گڏجي سينٽر تي حملو ڪرڻ دوران 150 شاگردن جون جوابي ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

سالياني امتحان دوران عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ڍورو نارو، ٽنڊو آدم ۽ ٻين شهرن ۾ امتحاني سينٽرز ٻاهران ڪاپي ڪرائيندڙ ن جي رش لڳل هئي.

شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، پيرڳوٺ، راڻيپور، سيٺارجا، ٺارو شاهه، خانپور، لکي غلام شاهه سميت ٻين شهرن ۾ شاگرد سرعام ڪاپي ڪندي نظر آيا.

گهوٽڪي ۾ امتحاني سينٽرز ٻاهران ڪاپي ڪرائيندڙ حل ٿيل پرچا شاگردن تائين پهچائڻ لڳا، پر تعليم کاتي ڪوبه تحرڪ نه ورتو.

لاڙڪاڻي ۾ ڏهين درجي جو رياضي جو پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، جيڪو موبائل فون ذريعي حل ڪري امتحان ڏيندڙ شاگردن تائين پهچايو ويو.

خيرپور ۾ امتحان دوران ڊپٽي ڪمشنر مختلف امتحاني سينٽرز تي ڇاپا هڻي 37 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪري ڇڏيو.

سجاول جي هاٰءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ڪاپي ڪرڻ تان اٺن شاگردن تي ڪاپي ڪيس ڪري کين  اسڪول مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

پرچي مان آئوٽ ڪرڻ تي شاگردن پنهنجي ساٿين سان گڏجي امتحاني سينٽرز تي حملو ڪري 150 شاگردن جون جوابي ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون آهن.

اسڪول جي هيڊ ماستر جو چوڻ آهي ته اسڪول تي حملو ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو………………..

Comments

  1. manni
    manni 1 April, 2016, 20:32

    don’t know kya hoga Sindh ki generation ka…
    media pe dikhany ka b kya faida sb education ministers, professors lecturers Controllers c.o sb k sb mily hue hn…
    students jb 9th class mn aarhy hn to unko copy krny ka concept e na den na ek to phraty pura sa hn upr se kehty hn k xms mn bs sath hn etc etc..
    jb student ko 9th mn concept nai hoga to automatically copy ka concept e nkl jaega na..
    strtng mn sincerity dikhaty nai hn end mn bhookty hn k jobs nai mil rai hn aise teachers hongy obestlly ye hall to hoga na phr end mn ilzam aata h politics pe k humen leaders ki wja se jobs nai mil rai hn.. nawaz apny punjabiyon ko de rha h etc etc ye phr to ye sb baten e fazul hn na leaders ko ulta sedha bolna.. punjab walon ko jobs mil rai hn ye sb bolna..
    sindh k awam apny e karnamo ki vja se is lower level pe h..
    nd the hole credit holders are the “TEACHERS” ….. cry emoticon cry emoticon cry emoticon feeling too much shameful on that..
    khul k media pe btaya ja rha h bt no one have any power to stop this crime.. its our request to all that please kill this crime for ever so that a huge amount to dust can be remove from sindhi nation…. cry emoticon

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*