اينٽي ڪار لفٽنگ سيل ڪراچي مان موٽر سائيڪلون ڦر ڪري بلوچستان ۾ وڪرو ڪندڙ گروهه جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري 20 موٽر سائيڪلون هٿ

pakkarachi

اينٽي ڪار لفٽنگ سيل ڪراچي مان موٽر سائيڪلون ڦر ڪري بلوچستان ۾ وڪرو ڪندڙ گروهه جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري 20 موٽر سائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

اينٽي ڪار لفٽنگ سيل جي ايس ايس پي عرفان بهادر ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موٽر سائيڪلون ڦر ڪري بلوچستان ۾ وڪرو ڪندڙ گروهه کي ٻن جوابدارن محمد ابراهيم بروهي ۽ ظفر اقبال کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي عرفان بهادر موجب گرفتار ٿيلن جا 3 ساٿي محمد رفيق، محمد عاصم۽ محمد حفيظ بلوچستان ۾ موجود آهن.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان ڦر ڪيل 20 موٽر سائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*