برطانيه ۾ ايسٽر ملهائيندڙ ٻارڙن جي ذهانت سبب پوليس فرار ٿيندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ENGLAND-MAN-HUNT-P_2154766b

برطانيه ۾ ايسٽر ملهائيندڙ ٻارڙن جي ذهانت سبب پوليس فرار ٿيندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

برطانيه جي ڏاکڻي علائقي ســَري ۾ ڪجهه 9 ٻارن جو گروپ ايسٽر جي بيضن جي تلاش ۾ نڪتل هئا ته انهن پنهنجي مٿان هڪ پوليس هيليڪاپٽر اڏامندي ڏٺو، جلد ئي ٻارڙن کي احساس ٿيو ته هيليڪاپٽر ٻن جوابدارن جو پيڇو ڪري رهيو آهي.

ڄاڻايل جوابدار هڪ اڻ استعمال ٿيندڙ عمارت ۾ لڪي ويا  هئا، جن کي پڪڙائڻ لاءِ ٻارن هوشياري کان ڪم ورتو ۽ روڊ تي ليٽي پيا ۽ جوابدارن ڏانهن اشارو ڪرڻ لاءِ تير جو نشان ٺاهيو.

پوليس اهلڪارن به جلد سمجهي ورتو ته ٻارڙا ي گڏجي ليٽڻ سان تير جو نشان ٺاهي کين جوابدارن جي فرار ٿيڻ واري طرف بابت آگاهه ڪري رهيا آهن، جنهن بعد پوليس جلد ئي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جن کي بعد ۾ 13 مئي تائين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*