ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ قادر پٽيل، انيس قائمخاني ۽سليم شهزاد جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري

dr asim

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ قادر پٽيل، انيس قائمخاني ۽سليم شهزاد جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، عدالت انيس قائمخاني کي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو روزانو ٽي وي تي نظر اچي ٿو پر کيس گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دهشتگردن جو علاج ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر عاصم ۽ پاسبان اڳواڻ عثمان معظم کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته متحده اڳواڻ رئوف صديقي ۽ وسيم اختر به پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر روپوش جوابدارن بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته قادر پٽيل 15 مارچ 2015ع کان پرڏيهه ويل آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ گهرو وزارت سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ جيئن ئي واپس آيو ته کيس ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويندو.

جاچ آفيسر انيس قائمخاني جي گرفتاري بابت  ٻڌايو ته هو سندس گرفتاري لاءِ رهائشگاهه تي ڪيترائي ڀيرا ويو پر هو اتي موجود نه هو، انڪري ايس ايڇ او درخشان کي پابند بڻايو وڃي ته هو انيس قائمخاني کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري.

عدالت انيس قائمخاني کي گرفتار نه ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته هو روزانو ٽي وي تي نظر اچي ٿو پر ان کي گرفتار نٿو  ڪيو وڃي.

عدالت قادر پٽيل، سليم شهزاد ۽ انيس قائمخاني جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين 18 اپريل تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ۾ پيشي دوران هڪ صحافي ڊاڪٽر عاصم کي چيو ته اوهان ڪافي ڪمزور ٿي ويا آهيو، جنهن تي ڊاڪٽر عاصم چيو ته جيڪڏهن اوهان کي جيل موڪليو وڃي ته اوهان کي خبر پئجي ويندي.

ڊاڪٽر عاصم صحافي سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتاري کان اڳ سندس وزن 112 ڪلو گرام ۽ هاڻي 77 ڪلو گرام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*