بالي ووڊ فلم “اظهر” جو ٽريلر رليز

 falim-zaheer-khan-

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد اظهر الدين جي زندگي ٺاهيل فلم “اظهر” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران بالي ووڊ اسٽار عمران هاشمي ۽ نرگس فاخري، پراچي ڊيسائي ۽ لارا دتا ٽريلر جي ڊي وي ڊي جو مهورت ڪيو. ان موقعي تي اظهرالدين، فلمساز ايڪتا ڪپور ۽ ڊائريڪٽر ٽوني ڊسوزا به موجود هئا. فلم ۾ عمران هاشمي اظهر الدين ۽ نرگس فاخري اظهر جي ٻي زال ۽ بالي ووڊ اسٽار سنگيتا بجالاڻي جي ڪردار  ۾ نظر ايندا. “اظهر” 13 مئي تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*