ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ متحده سربراهه سميت 20 اڳواڻن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ متحده سربراهه الطاف حسين ۽ فاروق ستار سميت 20 اڳواڻن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته عدالت وسيم اختر ۽ قمر منصور جي ضمانت ۾16اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر جوابدارن جي گرفتاري بابت رپورٽ پيش ڪئي.

 عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر الطاف حسين   ۽ فاروق ستار سميت متحده جي 20 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.

اي ٽي سي ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر ۽ قمر منصور جي ضمانت ۾ 16 اپريل  تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*