ڪلڀوشن جي گرفتاري کانپوءِ هر شئي واضح ٿي وئي، ٻه پاڙيسري ملڪ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن:آءِ جي ايف سي بلوچستان ميجر جنرل شير افگن

ra-agent

آءِ جي ايف سي بلوچستان ميجر جنرل شير افگن چيو آهي ته ڪلڀوشن جي گرفتاري کانپوءِ هر شئي واضح ٿي وئي، ٻه پاڙيسري ملڪ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، ڀارت بلوچستان ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ڪلڀوشن جي ڪيترن ئي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ جي ايف سي ميجر جنرل شير افگن ڪوئيٽا ۾ سينيئر صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ دهشت گردي ۾ ڀارتي حڪومت ملوث آهي، ڀارتي ڳجهي اداري “را” جي ايجنٽ ڪلڀوشن جي گرفتاري کانپوءِ سموريون شيون واضح ٿي ويون آهن.

هن چيو ته 2 پاڙيسري ملڪ دهشتگردن جي نرسري بڻيل آهن، جن جي ڀارت پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ڪلڀوشن جي ڪيترن ئي سهولتڪارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ جي ايف سي چيو ته غير ملڪي ايجنٽن لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي آهي، عليحدگي پسندن ۽ پاڪستان دشمن عنصرن جي چيلهه چٻِي ٿي وئي آهي، جڏهن ته سي پيڪ منصوبو هڪ حقيقت آهي، جنهن کي ڪير به ڊي ريل نٿو ڪري سگهي.

آءِ جي ايف سي ميجر جنرل شير افگن چيو ته پاڪ-افغان بارڊر سان لڳندڙ علائقي ۾ 453 ڪلو ميٽر ڊگهي سڪيورٽي خندق تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ پاڪ-افغان بارڊر چمن سان گذريل 68 سال کان جاري اسمگلنگ کي روڪيو ويو، جنهن سان ڪسٽم جي روينيو ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*