سينيٽ چيئرمين رضا رباني سپريم ڪورٽ کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس جي ريفرنس تي فوري ٻڌڻي جو مطالبو

raza-rabani30-9

سينيٽ چيئرمين رضا رباني سپريم ڪورٽ کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس جي ريفرنس تي فوري ٻڌڻي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل 6 جي خاتمي لاءِ بل آڻي، آرٽيڪل 6 جمهوري، آئين ۽ پارليامينٽ جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو.

ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان رضا رباني چيو ته آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪنهن ماڻهو خلاف ڪيس هلي رهيو هو، جنهن تي شهيد بينظير ڀٽو جو قتل ڪيس به داخل هو پر هو آساني سان ٻاهر هليو ويو.

هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 6 تحت جوابدار جي ٻاهر وڃڻ سان هاڻ آرٽيڪل 6 جو مقصد نه رهيو آهي، انڪري ان کي ختم ڪرڻ گهرجي.

رضا رباني چيو ته ڪاش آرٽيڪل 4 ان وقت عدالتن کي نظر اچي ها جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو آهي پر ان وقت عدالتون خاموش رهيون.

هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل جي حوالي سان هڪ ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ التوا جو شڪار آهي، جنهن تي نوٽيس به جاري نه ڪيا ويا آهن.

هن  سپريم ڪورٽ کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ريفرنس تي ٻڌڻي جي اپيل ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالتن مان انصاف نه مليو پر هو ملڪ جي غريب عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهيو.

هن چيو ته را ايجنٽ جي گرفتاري واري معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، جنهن سان پتو پئجي ويندو ته هتي ڪيترا را جا ايجنٽ موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*