پنجاب حڪومت ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن عورتن جي تحفظ واري بل تي تڪرار شقن ۾ ترميم لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

shahbaz

پنجاب حڪومت ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن عورتن جي تحفظ واري بل تي تڪرار شقن ۾ ترميم لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

سي ايم هائوس لاهور ۾ جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ مذهبي جماعتن جي وفد پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دروان مذهبي معاملن وارو مملڪي وزير پير امين الحسنات ۽ راڻا ثناءُ الله موجود هئا.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پنجاب اسيمبلي مان پاس ڪرايل عورتن جي تحفظ واري بل تي مذهبي جماعتن جا خدشا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جيڪا تڪراري شقن تي غور ڪندي.

ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته اسلام عورتن جي حقن جو درس ڏئي ٿو، پنجاب حڪومت عورتن جي بنيادي حقن لاءِ مثبت قدم کڻي رهي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*