سپريم ڪورٽ ۾ سپر ماڊل ايان علي سندس نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ واري معاملي تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

ayan-ali

سپريم ڪورٽ ۾ سپر ماڊل ايان علي سندس نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ واري معاملي تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ايان علي جواب ۾ چيو آهي ته ڪسٽم پاران تحويل ۾ورتل رقم سندس ذاتي پلاٽ جي هئي.

سپر ماڊل ايان علي پنهنجي وڪيل جي معارفت سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرايو.

عدالت ۾ داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته 30 مارچ تي ڪسٽم عدالت سپر ماڊل ايان علي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪرڻ بابت درخواست خارج ڪري چڪي آهي.

ايان علي چيو ته کيس ڪاروباري معاهدي  تي عمل نه ڪرڻ تي 10 لک ڊالر هرجاڻي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو.

وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته ماڊل ايان علي کي سندس والد جي عيادت لاءِ دبئي وڃڻو آهي، تنهنڪري کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*