سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي

supreme-court-karachi-31-7 (1)

سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪڏهن هٿ کڻي ته ڪڏهن واري ڳجهي راءِ شماري سان چونڊون ڪرائڻ سان معاملا خراب ٿين ٿا.

سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

سنڌ سرڪار جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته مڪاني چونڊن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون کان مٿڀرو آهي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا آهن

فاروق ايڇ نائيڪ کان پڇاڻو ڪيو ته قانونسازي کان اڳ بحث ٿيندو آهي، ڇا سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙو بحث ڪيو ويو.

عدالت پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪڏهن بحث نه به ٿيندو آهي ۽ قانون  به بلڊوز ڪيا ويندا آهن.

Comments

  1. leo
    leo 10 April, 2016, 17:45

    Allah Saain Hidayat dey Goverment khey

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*