وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردي خلاف جاري جنگ کي منطقي انجام تي پهچائڻ جو عزم

nawaz-in-karachi

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردي خلاف جاري جنگ کي منطقي انجام تي پهچائڻ جو عزم ورجايو ويو آهي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، اسحاق ڊار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب جي آخري مرحلي ۾ ٿيل اڳڀرائين، ملڪي سڪيورٽي صورتحال ۽ آءِ ڊي پيز جي واپسي سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي اجلاس ۾ آپريشن ضرب عضب دوران ٿيل اڳرائين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

ذريعن موجب سياسي ۽ عسڪري قيادت اتر وزيرستان جي دهشتگردن کان ڪليئر ڪرايل علائقن ۾ آءِ ڊي پيز جي واپسي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ کي منتطي انجام تائين پهچائڻ وارو عزم ورجايو ويو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*