اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو جي 37 ورسي ملهائي پئي وڃي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن

larkana-waresi

اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو جي 37 ورسي  ملهائي پئي وڃي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ورسي تقريب کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا، جڏهن ته تقريبن ۾ شرڪت لاءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 37 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ورسي جي مک تقريب ڳڙهي خدابخش ۾ ٿي رهي آهي، جتي جلسي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

ورسي تقريب جي مک جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، ان کان علاوه اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه ۽ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سميت پ پ جا مرڪزي اڳواڻ به جلسي کي خطاب ڪندا.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ورسي جي موقعي تي لاڙڪاڻو، نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدابخش سميت ضلعي طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، سيڪيورٽي لاءِ 6 هزار 5 سو پوليس اهلڪارن، 300 رينجرز ۽ 6 سو ٽريفڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آغا سراج دراني ۽ سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو سميت ٻيا اڳواڻ نئون ديرو هائوس پهتل آهن.

جلسه گرائونڊ ۽ ڳڙهي خدابخش ۾ مختلف رستن تي سيڪيورٽي لاءِ 38 واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن ۽ جلسي ۾ 11 سو جانثارن جي به ڊيوٽي لڳائي وئي آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*