موجوده حڪمرانن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، 37 سالن دوران ظالم حڪمرانن عوام جي سياسي سوچ کي به ختم ڪري ڇڏيو:غنوا ڀٽو

ghanwa

پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنوا ڀٽو چيو آهي ته موجوده حڪمرانن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، 37 سالن دوران ظالم حڪمرانن عوام جي سياسي سوچ کي به ختم ڪري ڇڏيو.

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي غنوا ڀٽو چيو ته موجوده حڪمران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي تي نٿا هلن.

هن چيو ته ملڪ ۾ اهڙو نظام جوڙيو ويو آهي، جيڪڏهن ته ٻيهر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو ليڊر اچي ته ان کي به ڌانڌلي ڪري هارايو  ويندو.

 غنوا ڀٽو  چيو ته پاڻي جي ورهاست وارو معاملو سنگين آهي، سنڌ ۽ پنجاب هڪ ٻئي تي پاڻي چوري جا الزام هڻي رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي آبادگارن کي مناسب پاڻي نٿو ملي.

غنوا ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ نوان ڊيم ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، جيڪڏهن بجلي سولر سسٽم يا ٻين ذريعن سان ملي سگهي ٿي ته ڊيم ٺاهڻ تي ايترو زور ڇو پيو ڏنو وڃي.

غنوا ڀٽو چيو ته واپڊا ۾ تمام گهڻي ڪرپشن آهي، جيستائين نظام درست نه ڪيو ويو ته تيستائين عوام بجلي  جي سهولت کان محروم رهندو.

جلسي کي آزاد ڪشمير جي اڳواڻ چوڌري منير، سليم شاهه، پنجاب جي اڳواڻ جاويد اقبال، علي احمد پليپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*