ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت امريڪي قونصل خاني جي شڪايت تي گرفتار ٿيل 2 جوابدارن اڪبر عادل ۽ رضوان جي رمانڊ ۾ 6 اپريل تائين واڌ

law

ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت امريڪي قونصل خاني جي شڪايت تي  گرفتار ٿيل 2 جوابدارن اڪبر عادل ۽ رضوان جي رمانڊ ۾ 6 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي شهرين کي امريڪي ويزا ڏيارڻ جو ڏٽو ڏئي رقم وٺڻ جي  الزام تحت ٻنهي جوابدارن اڪبر عادل ۽ رضوان کي گرفتار ڪيو هو.

 آمريڪي  قونصل خاني جي شڪايت تي گرفتار ٿيل جوابدارن کي اڄ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

 عدالت ٻنهي جوابدارن جي رمانڊ ۾ 6 اپريل تائين واڌ ڪندي کين ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ 6 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي، ايف آءِ اي حوالي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*