پاناما پيپرز جي نالي سان پاناما جي لا فرم موساڪ فونسيڪا پاران ملڪن جي دولت لٽڻ جو انڪشاف

INFQSHAF

پاناما پيپرز جي نالي سان پاناما جي لا فرم موساڪ فونسيڪا پاران جاري ڪيل ڳجهن دستاويزن مان دنيا جي 12 موجوده ۽ اڳوڻن مملڪتي سربراهن تي ڪرپشن ۽ ٽيڪس چوري ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪن جي دولت لٽڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

جن ملڪن جي سربراهن جا نالا ڪرپشن ۽  ٽيڪس چوري ذريعي ملڪيتون ٺاهڻ جا الزام آهن، انهن ۾ ارجنٽائن جو صدر موريسيو ميڪري، جارجيا جو اڳوڻو وزيراعظم بدزينا آئيوينشوِيلي، آئس لينڊ جو وزيراعظم ســِگمـــُندَر داوِيو، سعودي عرب جو باشاهه سلمان بن عبدالعزيز، گڏيل عرب امارتن جو موجوده سلطان خليفا بن زيد بن سلطان النهيان شامل آهن.

ڪرپشن ذريعي ملڪيتون ٺاهيندڙن ۾ عراق جو اڳوڻو وزيراعظم اياد علاوي، اردن جو اڳوڻو وزيراعظم علي ابوالرجب، قطر جو اڳوڻو وزيراعظم حماد بن جسيم، قطر جو اڳوڻو سلطان شيخ حماد بن خليفا الثاني، سوڊان جو اڳوڻو صدر احمد علي المــِيرغاني،  يوڪرين جو اڳوڻو وزيراعظم پيولو ليزارينڪو، يوڪرين جو هاڻوڪو صدر پيٽرو پوروشنڪو جا نالا به شامل آهن.

لسٽ ۾ برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون، روسي صدر ولادمير پيوٽن، گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان، عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين، مصر جي اڳوڻي آمر حسني مبارڪ، لبيا جي اڳواڻ معمر قذافي ۽ شام جي صدر بشار الاسد جي خاندان ۽ ساٿين جا نالا به شامل آهن.

 بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن، سندس ننهن ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن ۽ سندن ڪٽنب جون به برٽش وِرجن آئلينڊ ۾ آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن، ان کانسواءِ ڀارت جا اٽڪل 5 سئو بزنسمين به موساڪ فونسيڪا ڪمپني جي آف شور ڪمپنين جي ڊائريڪٽرز جي لسٽ ۾ شامل آهن.

پناما لـــِيڪس جو پهريون شڪار آئيس لينڊ جو وزيراعظم ســِگمـــُندَر داوِيو بڻيو، زال جي نالي تي ملڪيتون ٺاهڻ وارا الزام سامهون اچڻ بعد اپوزيشن جماعتن وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو، هڪ انٽرويو دوران صحافي پاران الزامن بابت سوال پڇڻ تي وزيراعظم ڪاوڙ ۾ انٽرويو اڌ ۾ ڇڏي نڪري ويو.

پاناما ليڪس جي دستاويزن ۾  هڪ ارب ڊالر  ڪارو ناڻو سفيد ڪندڙ  هڪ گروهه جو به ذڪر آهي، جنهن کي هڪ روسي بينڪ هلائي ٿو ۽ ان جا روسي صدر ولادمير پيوٽن جي ويجهي ساٿين سان رابطا آهن، ناڻي جي منتقلي آف شور ڪمپنين ذريعي ڪئي ويندي آهي، جن ۾ ٻن جا سرڪاري طور تي مالڪ روسي صدر جا ويجها دوست آهن.

موسيقار سرگي رولدوگن ننڍپڻ کان روسي صدر جو ساٿي رهيو آهي ۽ هو پيوٽن جي ڌيءَ ماريا جو سرپرست به آهي،

ڪاغذن ۾ رولدوگن شڪي سودن ۾ ڪروڙين ڊالر ڪيا آهن پر ان جي ڪمپينين جي دستاويز موجب هي ڪمپني هڪ پردو آهي، جنهن جي قيام جو مقصد ان جي اصل مالڪ جي سڃاڻپ لڪائڻ آهي.

پاناما پيپرز پاران هڪ ڪروڙ 10 لک دستاويزات جاري ڪيا ويا آهن، پاور پليئرز جي نالي سان جاري ڪيل دستاويزن ۾ دنيا جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن جا نالا شامل آهن، جن ۾ وزيراعظم نواز شريف جي ٽن ٻارن جا نالا به شامل آهن، جيڪي برطانيه ۾ آف شور ڪمپنين جا مالڪ آهن.

پاناما پيپرز جي نالي سان پاناما جي هڪ لا فرم موساڪ فونسيڪا پاران جاري ڪيل ڳجهن دستاويزن مان دنيا جي 72 موجوده ۽ اڳوڻن مملڪتي سربراهن تي ڪرپشن ۽ ٽيڪس چوري ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪن جي دولت لٽڻ جا الزام آهن، انهن ۾ آمر به شامل آهن.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته اها 40 سالن کان بي داغ طريقي سان ڪم ڪري رهي  آهي ۽ ان تي ڪڏهن به ڪنهن غلط ڪم ۾ ملوث هجڻ جو الزام نه لڳو آهي.

آءِ سي آءِ جـــَي جي ڊائريڪٽر جيرارڊ رائل جو چوڻ هو ته اهي دستاويز گذريل 40 سالن دوران موساڪ فونسيڪا جي روزاني جي سرگرمين کي ظاهر ڪري ٿو ۽ هو سمجهي ٿو ته اهي انڪشاف آف شور دنيا کي پهچندڙ سڀ کان وڏو صدمو ثابت ٿيندو.

موساڪ فنسيڪا ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو هر ممڪن احتياط سان ڪم ڪري ٿي 7 جيڪڏهن ان جي خدمتن جو غلط استعمال ٿيو آهي ته ان تي کين افسوس آهي.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شڪي سرگرمي جو پتو پوي ٿو ته هو فوري طور تي ان کي انتظاميه جي علم ۾ آڻيندا آهن، اهڙي طرح جڏهن انتطاميه وٽن ڪنهن قسم جي شڪي سرگرمي جون شاهديون آڻيندي آهي ته هو انهن سان سدائين ڀرپور سهڪار ڪندا آهن.

موساڪ فونسيڪا جو چوڻ آهي ته آف شور ڪمپنيون سڄي دنيا ۾ موجود آهن ۽ انهن کي ڪيترن ئي جائز مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*