جيڪڏهن شاهد آفريدي جي جاءِ تي مصباح الحق هجي ها ته نتيجا ٻيا اچن ها:عمران خان

imran-khan

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻَي ڪپتان عمران خان ٽِي-20 ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي ناڪامي جو ذميوار شاهد آفريدي کي قرار ڏيندي چيو آهي ته شاهد آفريدي سندس ڏنل مشورن تي عمل نه ڪيو ۽ بالرز کي به غلط استعمال ڪيو ويو، جيڪڏهن شاهد آفريدي جي جاءِ تي مصباح الحق هجي ها ته نتيجا ٻيا اچن ها.

اڳوڻي ڪپتان عمران خان اسلام آباد جي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پهچي عمر امين، عماد وسيم ۽ ٻين رانديگرن سان ملاقات ڪري کين مشورا ڏنا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس ۾ هڪ ئي ڪپتان هجڻ گهرجي، ڪوچ، مئنيجر ۽ ڪپتان تبديل ڪرڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو.

هن چيو ته هــُو ڪولڪتا ۾ ٽيم جو مورال بلند ڪرڻ ويو پر پاڪ-ڀارت ميچ تي مٿس آڱريون کنيون ويون ۽ رانديگرن سان ملاقات کي غلط رنگ ڏنو ويو.

عمران خان چيو ته ملاقات دوران شاهد آفريدي کي جيڪي مشورا ڏنا، ان تي عمل نه ڪيو ويو، جيڪڏهن آفريدي جي جاءِ تي مصباح الحق ڪپتان هجي ها ته نتيجا ڪجهه ٻيا هجن ها.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي تبديل ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ ٽئلينٽ جي ڪابه کوٽ نه آهي پر ٽئلينٽ کي استعمال ڪرڻ لاءِ گرائونڊز جي ضرورت آهي.

عمران خان چيو ته نئين ٽئلينٽ کي وڌ کان وڌ موقعو ڏيڻ گهرجي، جنهن سلسلي ۾ جلد ڪي پِي ۾ ٽئلينٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*