سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا ساليانه امتحان جاري آهن، اڪثر شهرن ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي
سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا ساليانه امتحان جاري آهن، اڪثر شهرن ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي، سکر، گهوٽڪي، خيرپور ۽ کڏڙي ۾ 45 کان وڌيڪ شاگرد ڪاپي ڪيس ڪيا ويا.
سنڌ اندر نائين ۽ ڏهين درجي جا ساليانه امتحان ڪاپي جي ڌم سان جاري آهن، اڪثر شهرن شاگرد سرعام ڪاپي ڪندي نظر آيا.
کڏڙي ۾ چيئرمين بورڊ ميرپورخاص برڪت حيدري مختلف امتحاني سينٽرز تي ڇاپا هڻي 7 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ۽ شاگردن کان موبائل فون هٿ ڪيا ويا.
هاءِ اسڪول جي امتحاني سينٽر تي چيئرمين بورڊ ڇاپو هڻي ڪاپي ڪرائيندڙ چئن استادن کي به ڪلاسن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾ امتحانن دوران بورڊ جي ٽيمن پاران ڇاپا هڻي 40 کان وڌيڪ شاگرد ڪاپي ڪيس ڪيا ويا آهن…………..