پاناما ليڪس جي انڪاشن کانپوءِ تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم جوڙي آهي: سيد خورشيد شاهه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پاناما ليڪس جي انڪاشن کانپوءِ تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم جوڙي آهي، هڪ ٻن ڏينهن اندر پارليامنينٽ ۾ ان  بابت پنهنجو موقف پيش ڪنداسين.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس جي انڪشاف کانپوءِ مختلف ملڪن جي وزير اعظمن تي استعيفائن لاءِ دٻاءُ آهي، پاڪستان ۾ جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

سيد خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس جي انڪشاف کان اڳ پرويز مشرف به پنهنجي درو ۾ محترمه بينظير ڀٽو خلاف ڀرپور جاچ ڪرائي هئي پر ڪجهه به ثابت نه ڪري سگهيو هو.

سيد خورشيد شاهه چيو ته محترمه بينظير ڀٽو حيات ناهي، ان ڪري ان بابت ڪجهه به ڳالهائڻ نه گهرجي، باقي رحمان ملڪ جو نالو آيو آهي ته ان کي جواب ڏيڻ گهرجي.

خورشيد شاهه چيو ته آپشور ڪمپني جو مقصد ڇا آهي، سڀني کي خبر آهي، ايترو وڏو اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ معاملي جي ضرور چاج ٿيڻ کپي.

سيد خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس جي انڪشاف کانپوءِ مون هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا تفصيل گڏ ڪري رهي آهي، هڪ ٻن ڏينهن اندر پارليامينٽ ۾ پنهنجو موقف پيش ڪنداسين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*