شيطاني ليڪس مان هوا نڪري وئي آهي، ڪجهه شيطانن واويلا ڪري ان ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪئي: راڻا ثناءُ الله

rana-sanaullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شيطاني ليڪس مان هوا نڪري وئي آهي، ڪجهه شيطانن واويلا ڪري ان ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پاناما ليڪس ملڪي معاشي سرگرمين کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته شيطاني ليڪس مان هوا نڪري چڪي آهي، پاڪستان جو عوام تمام گهڻو اڳ اهڙي قسم جون شيون ڏسي چڪو آهي.

هن چيو ته پهريان به اهڙي قسم جي مهم کي ماڻهن پسند نه ڪيو، ڪجهه شيطانن واويلا ڪري پناما ليڪس ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته پنانا ليڪس ملڪ جي معاشي سرگرمين کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*