ڀاشا ۽ منڊا ڊيم جي تعمير کي حقيقت بڻجي چڪي آهي، پاڻي ۽ بجلي جي ضايع ٿيڻ وارو ڪلچر عام ٿي ويو آهي:خواجا آصف

KhawajaAsif

پاڻي ۽ بجليءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀاشا ۽ منڊا ڊيم جي تعمير کي حقيقت بڻجي چڪي آهي، پاڻي ۽ بجلي جي ضايع ٿيڻ وارو ڪلچر عام ٿي ويو آهي، جنهن ڪري پاڻي ذخيرن کي وڌائڻ وقت جي ضرورت آهي.

اسلام آباد ۾ واپڊا جي انٽر يونٽ اسپورٽس جي انعام تقسيم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان 2017ع جي آخر يا 2018ع جي شروع ۾ بجلي جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿي ويندو.

هن چيو ته  پاڻي ۽ بجلي جي ضيان وارو ڪلچر نمايان حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، برساتن جو پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو، جنهن لاءِ قومي سطح تي ڪوششون وٺڻيون پونديون.

خواجا آصف چيو ته آف شور ڪمپنيون غير قانوني نه آهن، جن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ڏسڻو پوندو ته انهن وٽ پئسو ڪٿان آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*