سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي هٿ مٿي کڻي چونڊن بابت ڪيس ۾ سنڌ سرڪار جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ، صوبائي ايڊووڪيٽ ۽ اٽارني جنرل دليل مڪمل ڪري ورتا

Supreme Court pakistan 7-7-15

سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي هٿ مٿي کڻي چونڊن بابت ڪيس ۾ سنڌ سرڪار جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ، صوبائي ايڊووڪيٽ ۽ اٽارني جنرل دليل مڪمل ڪري ورتا، چيف جسٽس انور ظهيرجمالي ريماڪس ڏنا آهن ته اقتدار ۾ ويٺل ڌر پنهنجي مقصدن لاءِ قانون ۾ ترميم ڪري ٿي، قانون کي رانديڪو بڻايو ويو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي هٿ مٿي کڻي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ، صوبائي ايڊووڪيٽ ۽ اٽارني جنرل دليل مڪمل ڪيا.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي رمارڪس ڏنا ته اقتدار ۾ رهندڙ ڌر پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ قانون ۾ ترميم ڪري معاملا خراب ڪري ڇڏي ٿي، بدقسمتي سان هتي قانون کي رانديڪو بڻايو ويو آهي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته قانون ۾ تبديلي جو مقصد بهتري آڻڻ هوندو آهي، پر هتي ذاتي مقصدن لاءِ ترميمون ڪرڻ بعد ملبو عدالتن مٿان وڌو ويندو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*