نواز شريف ۽ شهباز شريف 1994ع ۽ 96 ۾ زيرو ٽيڪس ادا ڪندڙ هئا ته هاڻي انهن وٽ اربين رپين جي ملڪيت ڪٿان آئي آهي؟:اعتزاز احسن

itzaz-hussain

پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف 1994ع ۽ 96 ۾ زيرو ٽيڪس ادا ڪندڙ هئا ته هاڻي انهن وٽ اربين رپين جي ملڪيت ڪٿان آئي آهي؟، نيب ۽ ايف آءِ اي کي پاناما ليڪس بابت جاچ ڪرڻ کپي، ڏسون ته نواز شريف نيب کي جاچ ڪرڻ ڏيندو يا نه.!!

  سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته پاناما ليڪس جي انڪشافن بابت نيب ۽ ايف آءِ اي کي جاچ شروع ڪرڻ گهرجي، پر جاچ کان اڳ ئي نيب کي ڌمڪي ملي ويندي.

هن چيو آئسلينڊ جي وزير اعظم تي استعيفا لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ ڀارت ۾ به جاچ هلي رهي آهي، پاڪستان ۾ به ان بابت جاچ شروع ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته حسين نواز 2000ع ۾ ملڪ کان ٻاهر ويو ته ان وقت هن وٽ ايتري ملڪيت نه هئي جيڪا هن وقت ظاهر ٿي آهي.

اعتزاز احسن چيو ته حسين نواز تازو هڪ انٽرويو ۾ اعتراف ڪري چڪو آهي ته  وٽس  تمام گهڻي ملڪيت آهي.

هن چيو ته آف شور ڪمپني جو مقصد ڪاري ناڻي کي ڳجهو رکڻ هوندو آهي، جيڪڏهن اوپن ڪمپني هجي ته ناڻو لڪائڻ جي ضرورت ئي نه پوي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*