سنڌ هاءِ ڪورٽ گلستان جوهر ۾ 35 ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي اوڀر کان هفتي اندر تفصيلي رپورٽ طلب

sindh-highi-court11-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ گلستان جوهر ۾ 35 ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي اوڀر کان هفتي اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت  پوليس کي حڪم ڏيندي چيو آهي ته قبضي بابت ڪنهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل آهي ته ان کي گرفتار ڪيو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ گلستان جوهر ۾ 404 الاٽيز جي زمين تي لينڊ مافيا جي قبضي خلاف شهري اسماعيل شيدي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لينڊ مافيا زمين تي قبضو ڪري اصل الاٽيز کي حق کان محروم ڪيو ويو آهي ان ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي زمين اصل الاٽيز حوالي ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايس پي اوڀر کان هفتي اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت  پوليس کي حڪم ڏيندي چيو آهي ته قبضي بابت ڪنهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل آهي ته ان کي گرفتار ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*