لاڙڪاڻي ۾ مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل عورتن احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدارن کي گرفتاري ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو

larkana

 لاڙڪاڻي ۾ مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل عورتن احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدارن کي گرفتاري ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ ڪجرو خان جعفري جي رهواسي  عورت ڪلثوم، صفيا ۽ راز بيبي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هنن چيو ته جوابدار امتياز جعفري، محمد طلحيٰ، غلام نبي ۽ علي خان جعفري سندن گهر ۾داخل ٿي کين زيادتي جو نشانو بڻايو آهي.

هنن چيو ته جوابدار بااثر آهن، جنهن ڪري پوليس به انهن جي ساٿاري بڻيل آهي، جنهن ڪري کين انصاف نه ملي سگهيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*