سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن کي خانگائڻ واري عمل خلاف لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana-protest

سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن کي خانگائڻ واري عمل خلاف لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

چانڊڪا اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري شاهي خان جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين  چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن کي خانگائڻ وارو فيصلو غلط آهي، جنهن سان اسپتالون تباهه ٿي وينديون.

هنن چيو ته اسپتالن جي نجڪاري ڪرڻ سان ڪيترائي ملازم بيروگار ٿي سگهن ٿيا، جيڪا ملازمن سان نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن جي نجڪاري واري عمل کي روڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي  ويندي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*