ڀارت ۽ پاڪستان کي امن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، 2 پاڙيسري ملڪ پاڻ کي خطري ۾ وجهي نٿا سگهن:ناصر جنجوعه

nasir-junjaha

قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ناصر جنجوعه چيو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان کي امن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، 2 پاڙيسري ملڪ پاڻ کي خطري ۾ وجهي نٿا سگهن.

امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر اونٽاريو ۾ گلوبل پيس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناصر جنجوعه چيو ته پاڪستان عالمي امن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ائٽمي طاقتون آهن، جنهن ڪري امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته 2 پاڙيسري ملڪن ۾ ڇڪتاڻ سان خطي لاءِ خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا.

قومي سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ناصر جنجوعه چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ماڻهن کي جنگ تي مجبور ڪيو ويو، پاڪستان، افغانستان کي فتح ڪرڻ لاءِ روس کي نه چيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*