نوابشاهه اوڏ برادري جي ماڻهن پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

nawabshah map

نوابشاهه اوڏ برادري جي ماڻهن پوليس  جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ ڳوٺ دڙي مگسي جي جي رهواسين مسمات سوڍي، سريش ڪمار  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته 4 ڏينهن اڳ سڪرنڊ ٿاڻي جي پوليس سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن  ۽ ٻارڙن کي وحشياڻي تشدد  جو نشانو بڻايو.

هنن چيو ته پوليس تشدد بعد بيگناهه ٽن نينگرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪي ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهن.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي نيگناهه گرفتار ڪيل نينگرن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*