لکي غلام شاهه ويجهو هٿيار بند ڳوٺ تي حملو ڪري نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويا

lakhi-ghulam-shah12-9

لکي غلام شاهه ويجهو هٿيار بند ڳوٺ تي حملو ڪري نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سڱاوتي تڪرار جو نتيجو آهي، ناري جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

ڳوٺ ڏهر تي هٿيار بند چڙهائي ڪري هٿيارن زور تي 25 ورهين جي ناري نازيا مهر کي اغوا ڪري ويا آهن.

ناري جي وارثن جي فرياد تي چڪ ٿاڻي تي جوابدار منظور مهر، هزاري مهر، محمد نواز، محمد عمر، شهزادو ۽ ميهار مهر ميت ڇهن ڄڻن  خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار منظور مهر سڱاوتي تڪرار تان پنهنجي سالي نازيا مهر کي اغوا ڪري ويو آهي.

وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته  جوابدار منظور مهر جي نازيا جي وڏي ڀيڻ سان شادي ٿيل  هئي ان پاران طلاق وٺڻ کانپوءِ جوابدار سالي کي اغوا ڪيو آهي.

پوليس جوچوڻ آهي ته معاملو سڱاوتي تڪرار جو نتيجو آهي، ناري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*