خانپورمهرلڳ ڳوٺ خان محمد ملڪ جي رهواسين بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءَ احتجاجي مظاهرو

khanpurmahr-protest

خانپورمهرلڳ ڳوٺ خان محمد ملڪ جي رهواسين  بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءَ احتجاجي مظاهرو،جوابدارن ڪڻڪ جي ديري کي باه ڏيئي ساڙي ڇڏيو،زمين تي قبضو ڪرن چاهين ٿا پورهيت،خبرموجب خانپورمهر لڳ ڳوٺ خان محمد ملڪ جي رهواسين  پورهيت نيڪ محمد ملڪ ، ڀٽائي ڏنو ، غلام حسين  ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندڙ چيو ته بااثر وڏيري  جي چوڻ تي جوابدارن معشوق ملڪ ، عاشق علي ملڪ ، بختيار ملڪ ،عبدالله ملڪ ٻين پورهيت نيڪ محمد ملڪ جي ڪڻڪ جي ديري کي باه ڏيئي ساڙي ڇڏيو جنهن بعد فرار ٿي ويا .واقعي جي اطلاع تي خانپورمهر پوليس ٻن معشوق ملڪ ،عبدالله ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو.احتجاج ڪندڙ چيو ته پوليس بااثر جي چوڻ تي گرفتار جوابدارن عبدالله ملڪ کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس اسان 8 جوابدارن خلاف داخل ڪرايو آهي هنن چيو ته باهه سبب ٽه سو مڻ کان وڌيڪ ڪڻڪ سڙي ويئي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*