سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀرسان فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين سعيد خان بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو

heath-kari

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀرسان فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين سعيد خان بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ نثار مورائي جي علاج بابت رينجرز کان ڪينسر جي ماهر ڊاڪٽرن ۽ سهولتن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين سعيد خان بلوچ کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀرسان حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب موجب سعيد خان بلوچ تي فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن جا الزام آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي سان ملاقات ڪرائڻ ۽ سندس ميڊيڪل چيڪ اپ توڙي علاج ڪرائڻ بابت سندس گهرڀاتين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نثار مورائي جي گهرواري ڊاڪٽر سيما نثار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس مڙس ڳلي جي ڪينسر ۾ مبتلا آهي، جنهن جو فوري چيڪ اپ ۽  علاج ڪرائڻ جي ضرورت آهي.

عدالت ڊاڪٽر نثار مورائي جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ چيو، جنهن دوران رينجرز جي وڪيل مخالفت ڪئي ته نثارمورائي کي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

عدالت نثار مورائي جي علاج بابت رينجرز کان ڪينسر جي ماهر ڊاڪٽر ۽ ٻين سهولتن بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*